وزيراعظم عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

news-details

اسلام آباد: (سومر 01 نومبر 2021ع) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته حڪومت عام واهپي وارين شين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪ جي معاشي صورتحال تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت ترين، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر رضا باقر، اسد عمر، حماد اظهر ۽ فواد چوڌري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي معاشي ٽيم عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا. عمران خان چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ عام واهپي وارين شين جون قيمتون انتهائي تيزي سان وڌيون ان جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
وزيراعظم اجلاس دوران عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.