هاڻي به سياسي ۽ نظرياتي اختلافن باوجود مسلم ليگ سان گڏجي ڪم ڪري سگهجي ٿو: ڊاڪٽر قادر مگسي

news-details

حيدرآباد: مسلم ليگ نون پاران ايندڙ چونڊن کان سنڌ جي سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. احسن اقبال جي قيادت ۾ مسلم ليگ نون جو وفد حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر پهتو. نون ليگ جي وفد ۽ ايس ٽي پي سربراهه وچ ۾ ملاقات دوران سنڌ جي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ نون اڄ اهو اعلان ڪري ٿي ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ سنڌ جي سياست ۾ ڀرپور حصو وٺندي ۽ سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريندي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي اپيل ٿا ڪيون ته هو هڪ ڀيرو مسلم ليگ کي ووٽ ڏئي ڏسن، اسان سنڌ ۾ به پنجاب جهڙي ترقي ڪري ڏيکارينداسين. احسن اقبال چيو ته اسان مني بيڪ گارنٽي ٿا ڏيون ته مزو نه اچي ته پوءِ مسلم ليگ کي ڀلي ڪڏهن به ووٽ نه ڏجو. ليگي اڳواڻ جي اهڙي دلچسپ جملي تي ڊاڪٽر قادر مگسي مرڪي ڏنو.
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اسان اڳ به مسلم ليگ نون سان گڏجي جدوجهد ڪري چڪا آهيون ۽ گرفتاريون به ڏنيون آهن ۽ هاڻي به سياسي ۽ نظرياتي اختلافن باوجود مسلم ليگ سان گڏجي ڪم ڪري سگهجي ٿو.