ٿي سگهي ٿو ايندڙ سيٽ ۾ پ پ ۽ ن ليگ حڪومت گڏ ڪن: منظور وساڻ

news-details

ڪراچي: خوابن ۽ سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور پ پ اڳواڻ منظور وساڻ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي مستقبل بابت وڏيون اڳڪٿيون ڪري ڇڏيون.
منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ايندڙ سيٽ ۾ پ پ ۽ ن ليگ حڪومت گڏ ڪن، جڏهن ته پ پ هن ڀيري پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان مان به کٽيندي.
سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار موجب مون کي هي مهينو خطرناڪ لڳي رهيو آهي، ڪپتان جو مستقبل خراب ۽ رانديگرن جو مستقبل سٺو نظر اچي رهيو آهي، ڇو ته ڪجهه وزير عمران خان جي فيصلن سان متفق ناهن.
هن چيو ته تبديلي جي شروعات سدائين بلوچستان کان ٿي، بلوچستان کانپوءِ پنجاب ۽ مرڪز جو وارو به اچڻ وارو آهي، پ پ هن ڀيري پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ به کٽيندي.