ناڻي کاتي جي صلاحڪار شوڪت ترين بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ کان عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (اڱارو 02 نومبر 2021ع) ناڻي کاتي جي صلاحڪار شوڪت ترين عوام کي هڪ دفعو ٻيهر بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي کاتي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پيٽروليم ليوي ۾ وڌيڪ واڌ جو چيو هو پر اسان ان اضافي تي راضي نه ٿيا آهيون.
هن عوام کي خبردار ڪندي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. شوڪت ترين چيو ته تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ ايترو اضافو نه ٿيندو جيترو آءِ ايم ايف چاهي ٿو. هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب شيون مهانگيون ٿيون آهن جنهن جو بار عوام مٿان پيو آهي، اسان کي عوام جو احساس آهي. شوڪت ترين چيو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي رهي آهي پيٽرول جون قيمتون سڄي دنيا ۾ وڌيون آهن.
واضح رهي ته اوگرا پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 11 روپين تائين واڌ جي سفارش ڪئي هئي جنهن کي وزيراعظم عمران خان رد ڪري ڇڏيو هو.