سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جا چار دهشتگرد مارجي ويا

news-details

پشاور: (اڱارو 02 نومبر 2021ع) سي ٽي ڊي ڪوهاٽ پاران ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سي ٽي ڊي ڪوهاٽ ريجن جي ترجمان موجب سرچ آپريشن تان واپسي تي دهشتگردن طرفان فائرنگ ڪئي وئي جوابي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا جاري آهي.
مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي امير حاتم گروپ سان ٻڌايو ويو آهي. سي ٽي ڊي جي ترجمان ٻڌايو ته دهشتگرد ڀته خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هئا. دهشتگرد پوليو کان بچاءُ واري ٽيم تي حملن، پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.
دهشتگردن وٽان چار ايس ايم جي، 16 چارجر ۽ ڪيترائي ڪارتوس پڻ هٿ آيا آهن. سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ صادق الله عرف القائده، احمد رحيم عرف سعود، صميم سعيد عرف استاد ۽ مصطفيٰ خان عرف مُلا جي نالي سان ٿي آهي.
سندن تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي امير حاتم گروپ سان آهي جيڪي دهشتگردي، ڀته خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ سي ٽي ڊي کي گهربل هئا.