شھدادپور ۾ گهرن کي باهه ڏيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

news-details

شهدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ لنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل ڪلهوڙو ۾ 14 ڏينھن اڳ مبينه طور گهرن کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عورتن مردن جو ٻارين ٻچين پريس ڪلب شھدادپور جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت نعريبازي ڪئي.
جڏهن ته متاثر مظاهرين امام بخش ڪلهوڙو، فيض محمد ڪلهوڙو، ديدار، ارباب ڪلهوڙو، سڪندر، مسمات غلام فاطمه، شاهده ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته بااثر محبوب جکرو، رضا جکرو ۽ غلام محي الدين جکرو کي پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن چيو ته مذڪوره ماڻهن اسان جي 30 کان وڌيڪ گهرن کي باهيون ڏئي، اسان جو سمورو الهه تلهه ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته لنڊو پوليس مذڪوره ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مذڪوره ماڻهو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مذڪوره ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.