ميرپور ماٿيلو: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

news-details

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو جروار ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار الطاف مشوري فوت ٿي ويو.
هوڏانهن جروار پوليس ڪارروائي ڪندي ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل وٺي ڊرائيورکي گرفتار ڪري ورتو آھي.