ڪراچي: سرجاني ۽ منگهو پير ٿاڻي جي مڪمل نفري تبديل

news-details

ڪراچي: (اربع 03 نومبر 2021ع) ڪراچي جي ٻن ٿاڻن جي مڪمل نفري تبديل ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين موجب سرجاني ٽائون ۽ منگهو پير ٿاڻي جي مڪمل نفري کي تبديل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب ٿاڻن جي نفري کي سينٽرل پوليس آفيس(سي پي او) رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته تقريبن 250 جي ويجهو آفيسرن ۽ اهلڪارن جي تبديلي ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي ٿاڻن جي حدن ۾ ڪرپشن، زمينن تي قبضا ۽ ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ ۾ پوليس اهلڪارن جي ملوث هجڻ جي شڪايتن سبب نفري کي تبديل ڪيو ويو آهي.