جيڪب آباد واپارين جو ٻارھين ڏينهن به ايس ايس پي خلاف احتجاجي مظاهرو

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ کي ھٽائڻ لاءِ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي ٻارھين ڏينهن به واپارين ۽ شھرين چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، نظام الدين مستوئي، جمال الدين لکڻ، حاجي غلام نبي رند، مولانا عبدالجبار رند، نور محمد منجھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صرافه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ڏوهه صرف ايترو آھي جو اسان ھندو مظلومن مٿان پوليس پاران 6 ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آڏو آواز اٿاريو، ھن چيو ته ايس ايس پي جي حڪم تي سٽي پوليس ھڪ ھندو نوجوان جي پويان ٻه ڪلو چرس ڏئي جيل موڪليو، اھو ھندو نوجوان ايترو ته غريب ھو جيڪو ماني به مندر اچي کائيندو ھو ان وٽ وڪيل ڪرائڻ جا پئسا به ناهن، جنهن جي ضمانت رد ٿي وئي آهي، جيڪو جيل ۾ سڙي رهيو آهي، اھا پوليس جي زيادتي آهي، اسان مظلومن جي حق ۾ جھاد ڪري رهيا آهيون، اسان جو پرامن تحريڪ ايس ايس پي جيڪب آباد کي ھٽائڻ تائين جاري رهندو.
ھوڏانھن ٻي پاسي ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ۽ ھندو پنچائت جي اڳواڻ روشن گورکا پريس ڪلب ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد پاڻ خلاف ھلندڙ تحريڪ کي ختم ڪرائڻ لاءِ واپارين خلاف ڪوڙيون ايف آئي آرز داخل ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿيل آهي، مون خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ غيرملڪي دوائون ٿاڻي رکيون ويون آهن، موقعو تلاش ڪري مون کي ڪيس ۾ ڦاسايو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته ھندو برادري ۽ واپارين جو ايس ايس پي خلاف ھلندڙ تحريڪ ختم نه ڪئي ويندي. ايس ايس پي کي ھٽائڻ تائين اسان جو تحريڪ جاري رهندو ڪيتريون به ڌمڪيون ڏنيون وڃن پر اسان جو ظلم خلاف آواز بلند ئي رھندو.