جيڪب آباد ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف پورهيت پنهنجي موٽرسائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ بعد جان محمد ڪالوني واسي موٽرسائيڪل جي مستري خاوند بخش چنو پنهنجي موٽرسائيڪل تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.
جڏهن ته پورھيت جو چوڻ آهي ته پيٽرول وٺڻ لاءِ پمپ تي ويس ته انهن 50 روپين جو پيٽرول ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھن چيو ته ھر روز پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب ذھني پريشان ٿي ويا آهيون، موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول وجھرايون يا ٻارن جو پيٽ پاليون، پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ سبب احتجاج طور موٽرسائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.