جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي خلاف ٽيڪسي اڏي سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پيٽرول جي وڌندڙ اگهن خلاف حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
جڏهن ته ٽيڪسي ڊرائيورن حاجي پرويز، سھڻو مندراڻي، ملوڪ ڪورار، منير کوسو، فياض احمد، ارشاد رند ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پيٽرول اگهن ۾ ھر روز اضافي سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. صبح جو اٿڻ سان پيٽرول بم جي ڪرڻ جي خبر پئي آهي.
جڏهن ته جيڪب آباد ۾ 200 کان مٿي ٽيڪسي ڊرائيورن جي گهرن ۾ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ سبب فاقاڪشي واري صورتحال آهي ھڪ طرف عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻي پاسي وري پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي سبب ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهيون. ھنن وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي سبب ھر شئي مھانگي ٿي وئي آهي. حڪومت عوام تي رحم ڪري پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪري عوام کي جيئڻ ڏنو وڃي.