جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي پوليس جي زيادتين ۽ تشدد ڪرڻ خلاف بلوچستان جي علائقي صحبتپور واسي استاد وحيد مراد بروهي ون فائو مددگار پوليس سينٽر آڏو بجلي جي ٿنڀي تي چڙھي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، استاد جي ٿنڀي تي چڙھي وڃڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ شھري گڏ ٿي ويا. جڏهن ته پوليس ۽ سيپڪو عملدار به پهچي ويا، سيپڪو عملدارن پاران بروقت بجلي بند ڪرائي وئي. پوليس ۽ شھرين جي منٿون ڪرڻ بعد استاد ٿنڀي کان ھيٺ لھي آيو.
ان موقعي تي استاد وحيد مراد بروهي ٻڌايو ته عدالت مان بري ٿيڻ بعد سول لائن پوليس کنڀي وئي سڄي رات لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رهيو هو ته موبائيل مان لھي ٿنڀي تي چڙھي ويس. ھن چيو ته منهنجي زندگي کي خطرو آهي. پوليس جي زيادتين خلاف ٿنڀي تي چڙھي ويو آهيان. مون کي ڇڏيو وڃي ته گهر وڃان.
جڏهن ته پوليس ٿنڀي تان ھيٺ لٿل استاد کي ٻيھر گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ سول لائن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته استاد تي تشدد جا الزام غلط آهن. ھو ذھني مريض آهي، جيڪو ٿنڀي تي چڙھي ويو، ان کي ھيٺ لاھي ٿاڻي تي آندو ويو، ان جي سؤٽ کي گهرائي حوالي ڪيو ويو آهي.