پنجاب ۾ ڊينگي جا وار جاري، وڌيڪ ڇهه مريض فوت، فوتگين جو گڏيل انگ پنجهتر ٿي ويو

news-details

لاهور: (اڱارو 09 نومبر 2021ع) سموري ملڪ ۾ ڊينگي جا حملا جاري آهن. پنجاب ۾ ڊينگي وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 75 ٿي ويو آهي. هوڏانهن خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ به ڊينگي جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.
پنجاب جي صحت کاتي موجب پنجاب ۾ وڌيڪ 456 مريض رپورٽ ٿيا آهن. ڊينگي جي گڏيل ڪيسز جو انگ 19 هزار 21 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ وڌيڪ 6 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 75 ٿي ويو آهي.
لاهور ۾ ڊينگي جا هينئر تائين 14 هزار 145 مريض رپورٽ ٿيا آهن. اسلام آباد ۾ به ڊينگي جا وار جاري آهن وڌيڪ 45 ڪيسز رپورٽ ٿيا. ڊينگي جي گڏيل ڪيسز جو انگ 4 هزار 157 ٿي ويو آهي. اسلام آباد جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 2 هزار 3 سئو 99 ماڻهو ڊينگي جو شڪار آهن.
خيبرپختونخواهه ۾ به ڪيسز تيزي سان وڌي رهيا آهن. وڌيڪ 136 مريض رپورٽ ٿيا آهن.صوبي ۾ ڊينگي جي گڏيل ڪيسز جو انگ 8 هزار 393 ٿي ويو آهي.
پشاور ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 4 هزار 27 ٿي ويو آهي. جڏهن ته صوبي ۾ هينئر تائين 9 مريض فوت ٿي چڪا آهن.