جيڪب آباد اطلاعات کاتي جو اڳوڻو آفيسر ڪورونا وائرس وگهي سبب لاڏاڻو ڪري ويو

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ضلعي آفيسر مھر الله سومرو ڪورونا جي مرض سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 68 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مرحوم سوڳوارن ۾ چار ڌيئرون، ٻه پٽ ۽ ھڪ بيواھه ڇڏي ويو، جنهن جي جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ھوڏانھن جيڪب آباد جي صحافي رجب علي سومرو جو سھرو رئيس بھادر علي سومرو ڪافي عرصو بيمار سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازه نماز ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جڏهن ته صحافي رجب علي سومرو سان صحافين عبدالرحمٰن آفريدي، زاھد حسين رند، عبدالغني کوسو، اسد علي مغل، عبدالنبي مگسي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو.