جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر پوليس سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي شنبي شاهه چوڪي وٽ تلاشي دوران ھڪ ڪار مان 30 ڪلو گٽڪو ھٿ ڪري ھڪ جوابدار محمد اعجاز کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تلاشي دوران ھڪ ڪار مان 30 ڪلو گٽڪو ھٿ ڪيو ويو، گرفتار ٿيل جوابدار خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.