جيڪب آباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ويڪسينيٽرز جو احتجاج، روبيلا ۽ ارڙي ويڪسين جي مھم جو بائيڪاٽ

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ويڪسينيٽرز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ۽ آفيسن جي تالا بندي ڪندي ارڙي ۽ روبيلا ويڪسين جي مھم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ويڪسينيٽرز جي ارڙي ۽ روبيلا ويڪسين مھم جي بائيڪاٽ سبب صحت کاتو منجهاري جو شڪار ٿي ويو، مھم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اڻ تجربيڪارن کي ويڪسينيشن لاءِ فيلڊ ۾ موڪليو ويو.
ان سلسلي ۾ ويڪسينيٽرز حاڪم ٽالاڻي، منير وڳڻ، غلام رسول کوکر ويڪسينيٽرز جو چوڻ آهي ته گذريل ٻه ھفتن کان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيون پيا ويڪسينيٽرز کي ٽائيم اسڪيل ڏئي اپگريڊ ڪيو وڃي. 336 برطرف ٿيل ويڪسينيٽرز کي بحال ڪيو وڃي. مطالبن تائين احتجاج ۽ آفيسن جي تالا بندي جاري رھندو.