news-details
لاھور

ٽياسي سالا پرڏيهي عورت اٺاويهه سالا نوجوان جي محبت ۾ پاڪستان پهچي شادي ڪري ورتي

لاهور: (اڱارو 16 نومبر 2021ع) سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه هڪ اهڙي شادي جو چرچو هلي رهيو آهي جنهن ۾ ڪنوار گهوٽ کان 2 يا 4 سال نه پر 55 سال وڏي آهي.
گهوٽ کان عمر ۾ ڪافي وڏي هن ڪنوار جو تعلق پولينڊ سان آهي جيڪا پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ سمورين پريشانين کي پوئتي ڇڏيندي پاڪستان پهچي وئي آهي ۽ ٻئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي خوشي واري زندگي گذاري رهيا آهن.
ان حوالي سان صحافين سان ڳالهيون ڪندي 28 ساله نوجوان چيو ته منهنجي 83 ساله عورت سان ملاقات سوشل ميڊيا جي ذريعي ٿي ۽ پوءِ اسان هڪ ٻئي جي ويجهو اچي وياسين. شادي کان اڳ پولينڊ جي عورت بابرا اسلام قبول ڪيو ۽ هاڻ ان جو نالو فاطمه آهي. نوجوان چيو ته منهنجي گهر واري کي اردو سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ هو شروعات کان ئي مون سان ڳالهائڻ جي لاءِ به گوگل ٽرانسليٽر جو استعمال ڪندي هئي.
نوجوان ٻڌايو ته مون بابرا سان شادي جي لاءِ پنهنجي مڱڻي به ختم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته مون شادي پنهنجي گهر واري سان محبت سبب ڪئي آهي. ان حوالي سان مون کي گرين ڪارڊ جي ڪابه لالچ نه هئي.