news-details

جيڪب آباد ويجهو تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن کي چيپائجي ڇڏيو، ٻه ڄڻا فوت، هڪ ڄڻو زخمي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ڪريم بخش کوسو ويجهو دلمراد ٿاڻي جي حد ڪٽا شاخ تي تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ عزيز الله کوسو جو رھواسي گلزادا گولو ۽ ڳوٺ محمد نواز کوسو جو رھواسي سهڻو بکراڻي ٿڏي تي چيپائجي فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمي کي موبائل ۾ کڻائي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو، روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.
جڏهن ته پوليس ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار اچانڪ مين روڊ تي چڙهيا ته تيز رفتار ٽرالر هيٺان اچي ويا، جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي، فوتين کي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي، ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.