جيڪب آباد: گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول تي پوليس چڙهائي وارو مامرو، گسٽا جي احتجاج جي سڏ بعد ايس ايڇ او ميڙ کڻي پھچي ويو

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول تي پوليس چڙهائي خلاف گسٽا پاران اعلانيل احتجاج بعد ايس ايڇ او اشفاق چنو پوليس اهلڪارن سان گڏجي گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول پھچي اسڪول انتظاميا کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.
ان موقعي تي گسٽا جي ضلعي صدر نصيب الله کوسو ۽ ھيڊ ماستر بادل ويسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ روايتن موجب ايس ايڇ او جي ميڙ کي مان ڏئي معاف ڪيو ويو آهي. پوليس پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو آهي، جنهن سبب آيل کي مان ڏئي سڄي ضلعي ۾ احتجاج جو سڏ واپس ورتو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اشفاق چنو ڳالھائيندي چيو ته اسڪول جي پٽيوالي جو ڀاءُ چوري جي ڪيس ۾ گهربل هو جنهن لاءِ اسڪول اچي ان جي ڳولا ڪئي وئي ھئي، جنهن سان استادن جي دل آزاري ٿي آهي، اسان جو اھڙو عمل غلط ھو تنھن عمل تي استادن کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سول لائن پوليس گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول تي چڙهائي ڪري ڪلاسن جي تلاشي ورتي، جنهن واقعي کانپوءِ استاد ۽ شاگرد خوف ۾ وٺجي ويا ھئا. پوليس جي اھڙي عمل خلاف گسٽا پاران ھنگامي اجلاس ڪوٺائي سڄي ضلعي ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو.