news-details
لاھور

ملڪ ۾ ڊينگي جا وار جاري، پنجاب ۾ موذي مرض وڌيڪ پنج مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

لاهور: (خميس 18 نومبر 2021ع) سموري ملڪ ۾ ڊينگي جا وار جاري آهن. پنجاب ۾ موذي مرض وڌيڪ 5 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته سوين نوان مريض به سامهون اچي ويا آهن.
خيبرپختونخواهه ۾ به 110 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڊينگي سبب پنجاب ۾ فوتي ٿي ويل پنج مريضن مان 3 جو تعلق لاهور سان هو، خانيوال ۽ گوجرانوالا جا 2 شهري به موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويا.
پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 306 مريض رپورٽ ٿيا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ 110 ڪيس سامهون آيا. اسلام آباد ۾ 54 شهري ڊينگي جو شڪار ٿي ويا آهن. متاثر مريضن جو انگ 4 هزار 400 کان وڌيڪ ٿي ويو.