جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران الطاف جسڪاڻي جي پھرين ورسي ملھائي وئي

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) ضلعي جيڪب آباد پاران الطاف جسڪاڻي جي پھرين ورسي ايس ٽي پي ھائوس ۾ ملھائي وئي.
جڏهن ته ورسي تقريب ۾ ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، دلمراد لاشاري، عبدالغفور ٿهيم، عبدالنبي مگسي، عمر سولنگي، سيد علي شاهه سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
هوڏانهن ورسي تقريب کي ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي سنڌ جو صالح پٽ ۽ بھادر اڳواڻ سان گڏو گڏ ڊاڪٽر قادر مگسي جو ٻانھن ٻيلي ھو. جنھن کي ھر دور ۾ ياد ڪيو ويندو. ھنن وڌيڪ چيو ته شھيد الطاف جسڪاڻي جي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي ھميشه سھڻي لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو. الطاف جسڪاڻي جي سياسي زندگي اسان لاءِ مشعل راهه آهي ۽ آخري دم تائين رھندي.
جڏھن ته تقريب جي آخر ۾ شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي مغفرت لاءِ پڻ دعا ڪئي وئي.