صدي جو ڊگهو ترين چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو

news-details

ڪراچي: (جمعو 19 نومبر 2021ع) صدي جو ڊگهو ترين چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو جيڪو پاڪستان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڏسي سگهبو. ان حوالي سان موسميات کاتي چيو آهي ته هلندڙ سال جو ٻيو چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو.
موسميات کاتي موجب چنڊ کي اڄ جزوي گرهڻ لڳندو. جزوي چنڊ گرهڻ جو نظارو پاڪستان ۾ نه ڪري سگهبو. جزوي چنڊ گرهڻ اتر آمريڪا، آسٽريليا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڏسي سگهبو. جڏهن ته ايشيا ۽ يورپ جي ڪجهه علائقن مغربي آفريڪا ۾ چنڊ گرهڻ کي ڏسي سگهبو.
چنڊ گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب صبح جو 11 لڳي 2 منٽن تي ٿيندي ۽ چنڊ کي جزوي گرهڻ 12 لڳي 19 منٽن تي لڳندو. جزوي چنڊ گرهڻ جو اختتام ٻنپهرن جو 3 لڳي 47 منٽن تي ٿيندو ۽ چنڊ گرهڻ جو مڪمل اختتام 5 لڳي 4 منٽن تي ٿيندو. هي چند گرهڻ گذريل هڪ سال دوران ڊگهو ترين چنڊ گرهڻ هوندو. جيڪڏهن جزوي چنڊ گرهڻ جي حساب سان جائزو وٺون ته اهو 580 سالن ۾ هينئر تائين جو ڊگهو ترين جزوي چنڊ گرهڻ هوندو.