جيڪب آباد جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد، ٻه ڄڻا باعزت بري

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت ٽي سال اڳ ڳوٺ دوداپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل نوجوان قربان علي مندراڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار عبدالنبي مندراڻي کي عمر قيد 10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ سال قيد جي سزا ڪاٽيندو سزا اچڻ بعد جوابدار کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته عدالت ساڳئي ڪيس ۾ نامزد ٿيل ٻن جوابدارن لونگ خان ۽ نورالدين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوداپور ۾ 15 مارچ 2018 تي ڪارنهن الزام هيٺ قربان علي مندراڻي کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي قتل جو ڪيس سندس پٽ نظير احمد جي فرياد تي ٽن جوابدارن عبدالنبي مندراڻي، لونگ خان ۽ نورالدين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.