news-details
گوجرانوالا

جنوني عاشق پنهنجي محبوبه کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجا سڀ ڏند ڪڍي ڇڏيا

گوجرانوالا: جنوني عاشق پنهنجي محبوبه کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجا سڀ ڏند توڙي، ڏندن جو هار ٺاهي محبوبه کي بطور تحفعو پيش ڪيو آهي. پاڙيسرين موجب محبوبه پنهنجي دوست مدثر کي گهڻو کائڻ جو طعنو ڏنو هو، جنهن تي 16 ورهين جي مدثر چيو ته نه منهنجا ڏند هوندا نه ئي مان گهڻو کائيندس. جنوني عاشق پنهنجا سڀ ڏند ڪڍي هار ٺاهي ڇڏيو. رابطن واري ويبسائيٽن تي مدثر جي تصوير به وائرل ٿي آهي، جنهن تي کيس عوام تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اهڙي قسم جو واقعو مصر ۾ پيش آيو هو جتي هڪ ڇوڪري پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا سڀ ڏند ڪڍي پنهنجي محبوبه کي هار ٺاهي پيش ڪيو هو.