news-details
انڊونيشيا

ڪچرو کڻي اچو, مفت ۾ ڪتاب وٺو

انڊونيشيا: انڊونيشيا جي جزيري جاوا ۾ هڪ موبائل لائبريري منفرد پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪچري جي ٿيلهي جي بدلي ۾ لائبريري مان ڪتاب حاصل ڪيو. جاوا ۾ هڪ لائبريرين ٻارن کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ڪچرو کڻي اچڻ ته ڪتاب مهيا ڪري ٿي. انهي سان معاشري تي ٻن قسمن جو اثر پوي ٿو. هڪ ته پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ڪچرو گڏ ڪرڻ سان ماحول کي صاف سٿرو ڪيو پيو وڃي، ٻيو ته ٻارن کي ڪتاب مهيا ڪري ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پئدا ڪيو پيو وڃي. پورو هفتو لائبريرين عورت پنهنجي ٽن ڦيٿن واري گاڏي تي ڪتاب کڻي ڳوٺن ۾ وڃي ٿي ۽ ڳوٺ جي ٻارن کا پلاسٽڪ جو ڪچرو وٺي ٿي ۽ انهي جي بدلي ۾ کين ڪتاب مهيا ڪري ٿي. ٻار پلاسٽڪ جي ٿيلهي، پلاسٽڪ جا ڪوپ، گلاس، بوتلون، ٿيلهيون ۽ ٻيو ڪچرو گڏ ڪري کيس ڏين ٿا، جتي ڪچري مان شيون الڳ الڳ ڪري کين ري سائيڪل ڪيو وڃي ٿو. عورت جو چوڻ آهي ته هوءَ هڪ هفتي ۾ تقرين هڪ سو ڪلو گرام ڪچرو جمع ڪري وٺي ٿي، سندس چوڻ آهي ته ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ ۽ زمين کي بچائڻ جي لاءِ اهڙي قسم جو ڪم شروع ڪيو آهي. ٻئي طرف انهي پروگرام سان ٻارن ۾ وڊيو گيم بجاءِ ڪتاب پڙهڻ جو شوق وڌي رهيو آهي. عورت جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ڪري تمام گهڻي تعليم متاثر ٿي آهي انهي دوران ٻار ڪتابن کان تمام گهڻو پري رهيا آهن. سندس مشن آهي ته ٻار ڪتابن طرف ٻيهر دلچسپي وٺي سگهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ظاهري طور تي هي هڪ ننڍي ڪوشش آهي پر انهي ڪوشش سان تمام سٺا اثر پئجي رهيا آهن.