news-details
ڪوٸيٽا

هرنائي: اڻڄاتل ماڻهن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ ٽي مزدورن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا: بلوچستان جي صوبي هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 3 مزدورن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
ليويز ذريعن موجب هرنامي ضلعي جي شاهرنگ ڪول فيلڊ ۾ ڪلي زودلان جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 3 مزدور مارجي ويا.
واقعي کانپوءِ ريسڪيو ۽ ضلعي انتظاميا جي عملي پهچي مارجي ويلن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مزدورن جو واسطو افغانستان سان آهي، شروعاتي جاچ ۾ واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.