جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائي، چرس ۽ آئس نشو هٿ

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدلنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر پوليس چيڪنگ دوران ھڪ جوابدار جھانگير جمالي کان 15 ڪلو چرس ۽ 980 گرام آئس نشو ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
جڏهن ته ايس ايس پي جي ترجمان موجب ته تلاشي دوران جوابدار کان چرس ۽ آئس نشو ھٿ ڪري جوابدار خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.