ملڪ ۾ ڊينگي جا وار جاري، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڌيڪ ڇهه مريض فوت

news-details

لاهور: (اڱارو 24 نومبر 2021ع) ملڪ ۾ ڊينگي جا وار جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وڌيڪ 6 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته ڪيسز جي انگ ۾ به تيزي سان واڌ جاري آهي.
پنجاب ۾ وڌيڪ چار مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن جو تعلق لاهور سان آهي. پنجاب ۾ ڊينگي وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 126 ٿي ويو آهي. لاهور، راولپنڊي، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، ملتان ۽ ٻين شهرن مان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ ڊينگي سبب متاثر مريضن جو گڏيل انگ 23 هزار 866 ٿي ويو آهي. جڏهن ته لاهور ۾ ڊينگي جي متاثر مريضن جو انگ 17 هزار 203 ٿي ويو آهي.
هوڏانهن ڪي پي ڪي ۾ به ڊينگي جي ڪيسز ۽ فوتگين ۾ واڌ جاري آهي. پشاور ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ ڊينگي سبب فوتين جو انگ 10 ٿي ويو آهي. جڏهن ته وڌيڪ 97 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. صوبي ۾ ڊينگي جي مريضن جو گڏيل انگ 10 هزار 117 ٿي ويو آهي.