news-details
ڪراچي

سون جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي وئي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاهن چاڙهن جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪجهه ڏانهن گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون جو اگهه وڌي ويو.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 2500 رپين جي وڏي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 24 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 2144 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 6 هزار 396 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 9 ڊالر گهٽجڻ سان هڪ هزار 788 ڊالر في اونس آهي.