پاڪستان بنگلاديش جي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

news-details

چٽاگانگ: (خميس 25 نومبر 2021ع) پاڪستان بنگلاديش جي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ پنهنجي 12 رانديگرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان طرفان اعلانيل ڪيل 12 رڪني ٽيم ۾ بابر اعظم(ڪپتان) محمد رضوان(نائب ڪپتان، وڪٽ ڪيپر) عبدالله شفيق، عابد علي، اظهر علي، فهيم اشرف، فواد عالم، شاهين شاهه آفريدي، حسن علي، امام الحق، نعمان علي ۽ ساجد خان شامل آهن.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 26 نومبر جمعي تي ظهور احمد چوڌري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم چٽاگانگ ۾ کيڏيو ويندو. ميچ مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي شروع ٿيندو.
سيريز جو ٻيون ٽيسٽ ميچ 4 ڊسمبر کان شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ شروع ٿيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ جو حصو آهي.