news-details
ممبٸي

ڪترينه جي شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي ڪهڙي شرط پوري ڪرڻي پوندي؟

ممبئي: (جمعو 26 نومبر 2021ع) ڀارتي ميڊيا ۾ هن وقت بالي ووڊ اداڪاره ڪترينه ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي شادي جو چرچو آهي. ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته ڪترينه وڪي ڪوشل سان ايندڙ هفتي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڪترينه جي شادي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي هڪ اداڪاره چيو آهي ته شادي جي تقريبن لاءِ راجستان وڃڻ کان اڳ ڪترينه ۽ وڪي ممبئي ۾ ڪورٽ ميرج ڪندا جنهن کان پوءِ جوڙو شادي جي تقريبن لاءِ راجستان ويندو. ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا تي ڪترينه جي شادي ۾ شرڪت ڪندڙن جي لاءِ ڪجهه شرطن جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي پاڻ سان گڏ موبائل فون آڻڻ جي اجازت نه هوندي.
ڀارتي ميڊيا موجب شادي جي تقريب ٻنهي اداڪارن جي لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي ان ڪري ٻنهي شخصيتن جي ڪوشش هوندي ته ان موقعي تي ڪابه اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪترينه ۽ وڪي جون شادي واريون تصويرون ليڪ ٿي وڃن. ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينه ۽ وڪي شادي جي حوالي سان سمورن ڪمن کي وڏي رازداري سان انجام ڏئي رهيا آهن جنهن جي لاءِ ٻنهي طرفان هڪ وڏي ٽيم رکي وئي آهي.
واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا ان کان اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته ڪترينه کي سندس شادي جي موقعي تي راجستان جي مشهور سوجت مهندي لڳائي ويندي. سوجت مهندي سموري دنيا ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿي ۽ اها مهندي ڪترينه کي تحفي جي طور تي اماڻي ويندي جڏهن ته ان مهندي جي قيمت 50 هزار کان هڪ لک ڀارتي روپيه آهي.