news-details
لاھور

هيڪرز کان سياسي شخصيتن جا نمبر حاصل ڪيا: حريم شاهه

لاهور: (جمعو 26 نومبر 2021ع) مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي ڪيريئر سميت اعليٰ ۽ سياسي شخصيتن تائين پهچ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه هڪ ويب شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هن مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.
حريم چيو ته جيڪڏهن زندگي ۾ مون کي موقعو مليو ته مان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندس. پ پ ۾ شموليت جو سبب بلاول ڀٽو زرداري آهي جنهن جو بيان ڏيڻ جو انداز مون کي تمام گهڻو پسند آهي. هن ٻڌايو ته پرڏيهي وزارت واري آفيس ۾ اجازت وٺي وئي هئس ۽ اجازت سان ئي تصويرون ۽ وڊيوز به ٺاهيون. منهنجي لاءِ اتي داخل ٿيڻ آسان هو پرڏيهي وزارت ۾ ڇوڪرن جي لاءِ داخل ٿيڻ مشڪل هو پر منهنجي لاءِ آسان هو.
گهرو وزارت ۾ داخلا جي اجازت بابت حريم چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ کي پاڻ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿي ملي ته اهو حريم کي اجازت ڪيئن ڏياريندو. حريم شو دوران اهو به ٻڌايو ته مون کي اعليٰ شخصيتن جا نمبر ڪيئن مليا. ٽڪ ٽاڪر چيو ته مون هڪ هيڪر کان پاڪستان جي وڏين شخصيتن جا نمبر گهريا هئا جنهن کان پوءِ مون کي اهي نمبر ملي ويا جنهن کان پوءِ مون مختلف ماڻهن جا نمبر ٽرائي ڪيا، ڪيترن ئي ماڻهن منهنجا فون نه کنيا پر جڏهن به ڪنهن وزير کي فون ڪيو ته ان فورن فون کنئي.
گهرو وزير شيخ رشيد جي نمبر تائين پهچ جي حوالي سان حريم شاهه چيو ته ان سان منهنجي پراڻي دوستي آهي. حريم ٻڌايو ته شيخ رشيد سان پهرين ملاقات هڪ دوست جي پارٽي ۾ ٿي ته ان کان نمبر گهريو جنهن تي شيخ رشيد پنهنجو نمبر ڏنو. حريم شاهه چيو ته شيخ رشيد سان ڪيتريون ئي وڊيوز وائرل ٿيڻ باوجود هو مون سان فون تي ڳالهائيندو هو. شيخ رشيد جون وڊيوز وائرل ڪرڻ صرف هڪ تفريح هئي. عورت مارچ بابت ٽڪ ٽاڪر چيو ته منهنجو جسم منهنجي مرضي جي نعرن خلاف آهيان ڇو ته اسلام جيڪي عورت کي ڏنا اهي حق ڪوبه مذهب نٿو ڏئي سگهي، ايترن حقن کان پوءِ هاڻ عورت کي ڪهڙا حق گهرجن. جيڪڏهن مان ان مارچ جي اڳواڻ هجان هان ته ان نعرن جي بجاءِ اهو نعرو لڳايان ها ته عورت کي نوڪري ۽ تعليم کان نه روڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته مڙس جا ڪم ڪرڻ عورت جي ذميواري آهي جيڪڏهن اهي ڪم عورت نٿي ڪرڻ چاهي ته کيس گهر ۾ ئي ويهڻ گهرجي شادي نه ڪرڻ گهرجي.