جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جمعيت علماءِ اسلام پاران شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو ڪيس سست رفتاري سان هلڻ ۽ قاتلن کي جلد ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائڻ لاءِ هڪ احتجاجي جلوس ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، حاجي محمد عباس بنگلاڻي، حمادالله انصاري، چاڪر خان جکراڻي، تاج امروٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دفتر جي يو آءِ جيڪب آباد کان ڪڍيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي ڦاهي ڏيو جهڙا نعرا لکيل هئا، شهيد جي خون سان انصاف ڪيو جهڙا نعرا لکيل هئا، ڊي سي چوڪ ۽ پريس روڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو ۽ روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين تقرير ۾ چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ڪيس سست رفتاري سان هلڻ ناانصافي آهي، ست سال گذرڻ باوجود قاتلن جي فتويٰ نه ڏيڻ خون سان ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد جي قاتلن ۽ سهولتڪارن کي ڦاهي جي ڦندي تي چاڙهي شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.