news-details
ڪراچي

سون جي في تولي قيمت ۾ ٻارنهن سئو رپيا واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ سون اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 1200 رپين جي وڏي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 25 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 1029 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 7 هزار 339 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 23 ڊالر واڌ سان 1813 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.