news-details
چٽاگانگ

چٽاگانگ ٽيسٽ: پاڪستاني اوپنرز جي بهترين بيٽنگ، بنا ڪنهن نقصان جي هڪ سئو پنجيتاليهه رنسون ٺاهي ورتيون

چٽاگانگ: (ڇنڇر 27 نومبر 2021ع) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جي ٻئي ڏينهن بنگلاديش جي 330 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني اوپنرز بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو آهي.
چٽاگانگ جي ظهور احمد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ اڄ ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي جنهن ۾ پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 145 رنسون ٺاهي ورتيون. قومي ٽيم جي اوپنرز عابد علي ۽ عبدالله شفيق پراعتماد بيٽنگ ڪندي بهترين پارٽنر شپ قائم ڪري ورتي آهي.
ٻنهي رانديگرن نصف سينچريون اسڪور ڪيون. عبدالله شفيق پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ 50 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. عبدالله شفيق 52 ۽ عابد علي 93 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهي جڏهن ته بنگلاديش کي پاڪستان مٿان 185 رنسن جي برتري حاصل آهي.