news-details
ڪراچي

سنڌ ۾ گئس بحران وڌي ويو، سمورن نجي بجلي گهرن کي گئس جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: (ڇنڇر 27 نومبر 2021ع) سوئي سدرن گئس ڪمپني گئس جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي جنرل انڊسٽريز جي سمورن نجي بجلي گهرن کي گئس جي سپلاءِ فوري طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ان حوالي سان سوئي سدرن گئس انتظاميه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سمورن نان ايڪسپورٽ جنرل انڊسٽريز جي نجي بجلي گهرن کي گئس جي سپلاءِ فوري طور تي بند ڪئي وئي آهي.
گئس سپلاءِ واري معاهدي جي تحت گيس جي فراهمي بند ڪري سگهجي ٿي. ڪمپني موجب ڊسمبر کان فيبروري تائين گئس سپلاءِ جا مسئلا هوندا آهن. نان ايڪسپورٽ نجي بجلي گهرن کي گئس سپلاءِ ايندڙ حڪمن تائين ٻند رهندي.
سوئي سدرن گئس وڌيڪ ٻڌايو ته گئس برآمد ڪندڙ صنعتن جي بجلي گهرن ۽ فرٽيلائيزر سيڪٽر کي گئس سپلاءِ بحال رهندي. سوئي سدرن گئس کي لائن پيڪ ۾ سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.