news-details
لاڙڪاڻو

نوشين ڪيس: آپگهات نه پر قتل آهي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي: نوشين جو والد

لاڙڪاڻو چانڊڪا ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر نوشين جا وارث والد سيد هدايت علي ڪاظمي ۽ وارث سيد فدا حسين ڪاظمي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس جي جاچ تي هن وقت تائين اعتماد آهي پر اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، هنن چيو ته ڪاليج انتظاميا، روم ميٽ شاگردياڻي ۽ هاسٽل وارڊن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ته اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.
هنن چيو ته جيڪا نياڻي 5 ئي وقت نماز پڙهندي هجي ۽ خوش رهندي هجي اها ڪڏهن به خودڪشي نه ٿي ڪري سگهي، هي سڌو سئو قتل آهي، جنهن کي ڪاليج انتظاميا خودڪشي جو رنگ ڏئي رهيو آهي.
هنن چيو ته جسٽس اقبال ڪلھوڙو جي سربراھي ۾ عدالتي ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا شفاف جاچ ڪري ڊاڪٽر نوشين جي قتل ۾ لڪيل هٿ ظاهر ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هنن سنڌ سميت پوري پاڪستان جي سول سوسائيٽي کي اپيل پڻ ڪئي ته سندس انصاف لاءِ ساٿ ڏئي.
هنن چيو ته نمرتا جي وارثن کي انصاف نہ مليو، اميد آھي ته اسان کي انصاف ملندو، ساڳئي ڪاليج ۾ ٽن شاگردن جي مبينا خودڪشيون وڏو سوال پيدا ڪري ڇڏيو آهي ڪير به پنهنجي نياڻي کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن ادارن ڏانهن ڪئين موڪليندو، نياڻين جا والدين هن وقت سخت ڏک ۽ صدمي ۾ آهي ۽ پريشان آهن ته هو پنهنجن نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارين يا نه ڏيارين.
هنن چيو ته دادو ۽ لاڙڪاڻو صحافين سميت سڄي سنڌ جي صحافين کين هن وقت تائين ساٿ ڏنو آهي، اميد آهي ته ڊاڪٽر نوشين جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين ساٿ جاري رهندو، هنن چيو ته مونکي پنھنجي نياڻي تي يقين آھي ھو خودڪشي نه ٿي ڪري سگھي.