news-details
اسلام آباد

چائلڊ پورنوگرافي جون ويڊيوز وائرل ڪندڙ جوابدار ضمانت جا حقدار ناهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چائلڊ پورنوگرافي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته اهڙيون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ جوابدار ضمانت جا حقدار ناهن.
عدالت عظميٰ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو تحرير ڪيو.
عدالت چيو ته چائلڊ پورنوگرافي معاشري جو وڏو ناسور ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجندي پئي وڃي، ان وڌندڙ خطري کي سختي سان منهن ڏيڻو پوندو.
سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس جو جلد فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ٻارن سان جنسي زيادتي جي واقعن جو وڏو سبب چائلڊ پورنوگرافي آهي، اهو ٻارن جي مستقبل ۽ اخلاقيات لاءِ سنگين خطرو آهي، ٻارن جون فحش ويڊيوز وائرل ڪرڻ معاشري کي کوکلو ڪرڻ جو ڏوهه آهي.
عدالت موجب جوابدار جي وڪيل جو اهو دليل قبول ناهي ته ڪا متاثر ڌر سامهون نه آئي، جوابدار تي ڪيس ٻارن جون غير اخلاقي ويڊيوز وائرل ڪرڻ جو آهي، اهڙي دانهن سڌي ريت فيس بُڪ انتظاميا طرفان ڪئي وئي.
واضح رهي ته جوابدار خلاف ايف آءِ اي ايبٽ آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي.