news-details
ڪراچي

سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ

ڪراچي: ملڪ ۾ سون اگهن ۾ ڪجهه ڏينهن واڌ کانپوءِ اڄ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 2400 رپين جي وڏي لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 22 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون 2 هزار 58 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 5 هزار 281 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 26 ڊالر گٽهجڻ سان 1787 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.