news-details
ڪراچي

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرريءَ جو طريقي ڪار چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرريءَ جو طريقي ڪار چئلينج ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ سينارٽي کي نظرانداز ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري کي چئلينج ڪيو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سينارٽي نظرانداز ڪري جونيئر ججن جي مقرري عدليا لاءِ نقصانڪار آهي، سپريم ڪورٽ ۾ گذريل 7 ججن مان 5 جونيئر جج صاحبن کي مقرر ڪيو ويو، جڊيشل ڪميشن کي هدايت ڪئي وڃي ته لاڳاپيل ججن سان مقرري ۾ مشاورت ڪري ۽ مشاورت لاءِ ججن، پارلياماني ميمبرن، بار ڪائونسلز، سينيئر وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ ٻين کي به گهرايو وڃي.
درخواست ۾ اها به اپيل ڪئي وئي آهي ته جڊيشل ڪميشن جو رول ٿري غير قانوني قرار ڏنو وڃي، مشاورت مڪمل ٿيڻ تائين هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ تائين مقرري سينارٽي جي بنياد تي ڪئي وڃي.