جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت مولاداد ٿاڻي تي داخل 20 ڪلو چرس رکڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن غوث بخش ابڙو ۽ الاهي بخش ڀيو کي عمر قيد ھڪ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ سال قيد جي سزا ڀوڳيندا.
ساڳئي عدالت ڳڙهي خيرو ٿاڻي تي داخل ڪيل 30 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪوئيٽا واسي جوابدار ھاشم لھڙي کي عمرقيد ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ سال قيد جي سزا ڀوڳيندو. عدالت سزا ڏيڻ بعد ٽنھي جوابدارن کي ڊسٽرڪٽ جيل سکر موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته مولاداد پوليس 1 مئي 2021 تي ٻن جوابدارن غوث بخش ابڙو، الاھي بخش ڀيو کي گرفتار ڪري 20 ڪلو چرس هٿ ڪيو ھو جڏھن ته ڳڙهي خيرو پوليس سيف الله شاخ وٽ ٽرڪ مان 30 ڪلو چرس هٿ ڪري ڪوئيٽا واسي جوابدار ھاشم لھڙي خلاف ڪيس داخل ڪيو ھو.