ڄامشورو: سنڌالاجي جو نئون مقرر ٿيل ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، جي نئين مقرر ڪيل ڊائريڪٽر نامياري ليکڪ، ڪالم نويس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سينيئر آفيسر غلام مرتضيٰ سيال پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. ان سلسلي ۾ هن سنڌالاجي پهچي رٽائرڊ ٿيل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمود الحسن مغل کان چارج ورتي.
ان موقعي تي هن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي پاران سنڌ جي اهم علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي اداري جي ذميواري سونپڻ تي سندس مهرباني مڃيندي، سنڌالاجي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمود الحسن مغل جي اداري جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ڪاوشن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته وائيس چانسلر مٿس جيڪو اعتماد ڪيو آهي، هو ان تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو ۽ سنڌالاجي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ هر ممڪن اپاءُ وٺندو.
هن چيو ته سنڌالاجي سنڌ جي سڃاڻپ آهي، هن اداري کي ڏيهه پرڏيهه ۾ وڏي مڃتا مليل آهي، هن جي تحقيقي لائبريري ۾ صدين جي تاريخ رکندڙ علمي خزانو موجود آهي، جيڪو محققن لاءِ وڏي وٿ بڻيل آهي. ساڳي طرح ميوزيم ۾ پڻ پوري سنڌ سمايل آهي. هن اداري پاران ڇپرايل ڪتابن کي وڏي انفراديت حاصل آهي، هو سمورن شعبن کي اهم سمجهي ٿو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا، سنڌ جي عالمن، اديبن، اسڪالرن ۽ آرٽسٽن جي سهڪار سان اداري کي نئون مقام ڏيارڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندو.