news-details
ٽنڊو ڄام

ٽنڊوڄام جو نوجوان نوري آباد ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت، گھر ۾ قھرام

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام جي علائقي علي آباد جو رھواسي 30 سالا ڪار ڊرائيور منور قمبراڻي حيدرآباد کان ڪراچي وڃي رھيو ھو ته نوري آباد ويجھو ٽريلر ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو. جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان منور قمبراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو.
جڏهن ته ڪار ۾ سوار حيدرآباد جو وڪيل ۽ سندس ساٿي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي ٿيلن ٻنهي ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
جڏهن ته فوتي منور قمبراڻي جو مڙهه ضرروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گھر پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو.
جڏهن ته فوتي حيدرآباد جي وڪيل جو ڊرائيور ھو، ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ ھو.