news-details
لاھور

ڪورونا جو نئون قسم، پاڪستان ڇهه ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون

لاهور: ڪورونا وائرس جي نئين قسم ”اومي ڪرون“ جي پکيڙ کي ڏسندي پاڪستان هانگ ڪانگ ۽ 5 آفريقي ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون.
ڪورونا خلاف اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب هانگ ڪانگ، ڏکڻ آفريقا، موزمبيق، نميبيا، ليسوٿو، اسواتيني ۽ بوٽسوانا تي سفري پابنديون هنيون ويون آهن.
اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سڀني ملڪن کي ڪيٽيگري سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن ملڪن مان مسافرن جي سڌي ريت ۽ واسطي سان آمد تي پابندي هوندي.
اداري موجب ايمرجنسي ۾ سفر ڪندڙ پاڪستانين کي سفر جي اجازت وٺڻي پوندي ۽ پاڪستاني مسافرن کي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ايئرپورٽ تي ڏيکارڻو پوندو.
اين سي او سي چيو آهي ته پاڪستاني مسافرن کي 72 ڪلاڪ اڳ جي ناڪاري پي سي آر رپورٽ ڏيکارڻي پوندي، جڏهن ته ايئرپورٽ تي مسافر جي ريپڊ اينٽي جين ٽيسٽ ڪئي ويندي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پابندي جو شڪار ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي سهولت لاءِ 5 ڊسمبر تائين سفر جي اجازت آهي پر مسافرن تي صحت ۽ ٽيسٽنگ پروٽوڪول لاڳو رهندا.
واضح رهي ته ڪورونا وائرس جو نئون قسم ڏکڻ آفريقا جي هڪ صوبي ۾ دريافت ٿيو آهي، جنهن حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ۾ اوريجنل ڪورونا وائرس جي ڀيٽ ۾ ان قدر تبديليون اچي چڪيون آهن جو ڪورونا جي هيل تائين ٺاهي ويندڙ ويڪسينز جو اثر 40 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو.
ماهرن موجب ان ويرينٽ جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ حيران آهيون، ڇو ته اسان اڳ اهڙو خطرناڪ قسم ناهي ڏٺو.
ڪورونا جو اهو نئون قسم ڏکڻ آفريقا مان ٻاهر پکڙجي چڪو آهي، هيل تائين جي انگن اکرن موجب ان جا ڪيس ڏکڻ آفريقا کانسواءِ بوٽسوانا، هانگ ڪانگ، بيلجيئم ۽ اسرائيل ۾ به سامهون اچي چڪا آهن ۽ خدشو آهي ته اهو دنيا جي ٻين ملڪن تائين به پکڙجي ويندو.