چٽاگانگ ٽيسٽ: تيج الاسلام جي بهترين بالنگ، پاڪستان پهرين اننگز ۾ ٻه سئو ڇاهسي رنسن تي آئوٽ

news-details

چٽاگانگ: (آچر 28 نومبر 2021ع) چٽا گانگ ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن بنگلاديش جي 330 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 286 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. چٽاگانگ جي ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اڻ مڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته عابد علي 93 ۽ عبدالله شفيق 52 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا. پر راند جي پهرين ئي اوور ۾ تاج الاسلام پهريان عبدالله شفيق کي ايل بي ڊبليو ڪيو ۽ ٻئي بال تي اظهر علي کي به گولڊن ڊڪ تي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم به 10 رنسون ٺاهي مهدي حسن مرزا جي بال تي بولڊ ٿي ويو. ٻئي طرف عابد علي بهترين بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي. عابد علي 133 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.فواد عالم 8 ۽ محمد رضوان 5 رنسون ٺاهي سگهيا. جڏهن ته حسن علي به 12 رنسن جو ئي مهمان ثابت ٿيو. فهيم اشرف 38 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 13 رنسون ٺاهي نائوٽ آئوٽ رهيو.
بنگلاديش طرفان تيج الاسلام بهترين بالنگ ڪندي 7 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته 2 وڪيٽون عبادت حسين ۽ هڪ مهدي حسن مرزا جي حصي ۾ آئي.