ڪورونا جي خطرناڪ قسم: اسرائيل ۾ سمورن پرڏيهين جي داخلا تي پابندي لاڳو

news-details

ماسڪو: (آچر 28 نومبر 2021ع) ڪورونا وائرس جي نئين ۽ موذي قسم اومي ڪرون جي تيز رفتار پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي هنگامي قدمن جو سلسلو جاري آهي. ڪورونا جي نئين خطرناڪ قسم ڏکڻ آفريڪا مان نڪري اٽلي، بيلجيم، جرمني، چيڪ ري پبلڪ، هالينڊ، مصر، اسرائيل، ملاوي، بوٽسوانا، هانگ ڪانگ ۽ برطانيه تائين پهچي وئي آهي.
اومي ڪرون جي دنيا ۾ تيزي سان پکيڙ سبب آمريڪا ڪينيڊا، برطانيه ۽ سعودي عرب کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا به آفريڪي ملڪن مان اڏامون بند ڪري ڇڏيون آهن.
آمريڪي صدر جوبائيڊن جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر انٿوني فائوچي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته اومي ڪرون پهريان ئي آمريڪا پهچي چڪو آهي. ان کان علاوه برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ملڪ ۾ نئين پابندين جو اعلان ڪندي عوامي هنڌن ۽ سفر جي دوران ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف اسرائيل دنيا ۾ اومي ڪرون جي تيزي سان پکيڙ سبب سمورن پرڏيهين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي اها نئين قسم ڏکڻ آفريقا جي هڪ صوبي ۾ هٿ آئي آهي جنهن جي حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي نئين قسم اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.