news-details
چٽاگانگ

چٽاگانگ ٽيسٽ: بنگلاديش پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ ٻه سئو ٻه رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

چٽاگانگ: (سومر 29 نومبر 2021ع) چٽاگانگ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن بنگلاديش جي سموري ٽيم ٻئي اننگز ۾ 157 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي جنهن کان پوءِ پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 202 رنسن جو حدف مليو آهي.
چٽاگانگ جي ظهور احمد چوڌري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم ٻئي اننگز ۾157 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. راند جي چوٿين ڏينهن بنگلاديش پنهنجي ٻئي اننگز جي شروعات 39 رنسون چار رانديگر آئوٽ کان ڪيو پر حسن علي بنگلاديش جي بيٽسمين مشفيق الرحيم کي 16 رنسن تي بولڊ ڪري ڇڏيو. بنگلاديش جو ياسر علي 36 رنسون ٺاهي ريٽائرڊ هرٽ ٿيو. جڏهن ته پهرين اننگز ۾ سينچري هڻندڙ لٽن داس ٻئي اننگز ۾ به سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 59 رنسون اسڪور ڪيون.
پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جڏهن ته 3 وڪيٽون ساجد ۽ 2 وڪيٽون حسن علي حاصل ڪيون.