news-details
ابوظھبي

متحده عرب امارات پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

ابوظهبي: (سومر 29 نومبر 2021ع) متحده عرب امارات پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب متحده عرب امارات جي فيول پرائس ڪميٽي ايندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪندڙ ڪميٽي جي اعلان موجب ڊسمبر جي لاءِ سپر 98 پيٽرول جي قيمت 2.80 درهم کان گهٽ ٿي 2.77 درهم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسپيشل 95 پيٽرول جي قيمت 2.69 درهم مان گهٽ ٿي 2.66 درهم ليٽر ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه اي پلس 91 پيٽرول ڊسمبر ۾ 2.61 درهم تي ليٽر واري جڳهه 2.58 درهم تي ليٽر ملي سگهندو. جڏهن ته ڊيزل 2.81 درهم في ليٽر جي بجاءِ 2.77 درهم في ليٽر ملندو.
واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي سامهون اچڻ کان پوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.