فون ڪال تي ٽيڪس واپس وٺڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج

news-details

ڪراچي: (سومر 29 نومبر 2021ع) فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) موبائل فون ٽيڪس جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ موبائل فون ڪال تي 5 منٽن کان پوءِ 75 پئسا ٽيڪس لڳائڻ وارو فيصلو ڏنو هو. جنهن کي ايف بي آر سپريم ڪورٽ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو آهي.
عدالت طرفان اهو حڪم مختلف موبائل ڪمپنين جي درخواست تي جاري ڪيو ويو هو. ايف بي آر طرفان داخل درخواسف ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 5 منٽن جي ڪال کان پوءِ 75 پئسا فيڊرل ايڪسائيز ڊيويٽي قانون موجب آهي. فنانس ايڪٽ 22-2021 ۾ 5 منٽن جي ڪال کان پوءِ 75 پئسا ٽيڪس لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ مان منظور ٿيندڙ بل کي هاءِ ڪورٽ غلط قرار نٿي ڏئي سگهي. ان ڪري عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 18 آڪٽوبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.