news-details
اسلام آباد

ووٽ خريداري وڊيو: اليڪشن ڪميشن اين اي هڪ سئو ٽيٽيهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: (سومر 29 نومبر 2021ع) اليڪشن ڪميشن اين اي 133 لاهور جي ننڍي چونڊن ۾ ووٽن جي مبينه خريداري بابت جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. ووٽ خريد ڪرڻ واري مبينه وڊيو جي رپورٽ سڀاڻي جمع ڪرائي ويندي.
اليڪشن ڪميشن ووٽن جي خريداري سچ ثابت ٿيڻ تي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اشارو به ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته الزام ثابت ٿيڻ تي اين اي 133 جي ننڍي چونڊ ملتوي به ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن معاملو التوا هيٺ رهيو ۽ اليڪشن کان پوءِ ثابت ٿيو ته اميدوار کي نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته خريد ۽ وڪرو ثابت ٿيڻ تي معاملو اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ڏانهن اماڻيو ويندو. لاڳاپيل کاتن جي رپورٽن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ثابت ٿي ته سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. چيئرمين پيمرا، چيئرمين نادرا، آءِ جي پوليس ۽ ڪمشنر لاهور کي خط لکي وڊيو جي فرانزڪ ۽ ماڻهن جي نشاندهي جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ريٽرننگ آفيسر 30 نومبر تائين فرانزڪ ۽ ڪارروائي جي لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اميدوار شائسته پرويز ملڪ کان به ووٽ خريداري بابت جواب طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جي حڪمن کان پوءِ آءِ جي پنجاب طرفان مذڪوره معاملي تي اهم اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي.